خضر حيات، قاضي

خضر حيات، قاضي

قاضي خضرحيات

قاضي خضر حيات: مشھور انجنيئر، مصور ۽ ڪاشيگر قاضي خضر حيات ولد قاضي عبدالحئي ’قائل‘، 12 اپريل 1945ع تي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي جي هڪ علمي ادبي گهراڻي ۾ جنم ورتو. قاضي خضر حيات مئٽرڪ تائين تعليم رتيديري ۾ حاصل ڪئي. 1968ع ۾ بي. اِي (سول، سنڌ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج) ۽ ايم. آءِ. ايِ (ميمبر آف انسٽيٽيوٽ آف انجنيئرس) جون ڊگريون حاصل ڪيون. گڏوگڏ فائن آرٽس ۾ ڊپلوما ڪئي. هن نيشنل ڪاليج آف آرٽس، لاهور مان ڪاشيگريءَ (Ceramics) جو سرٽيفڪيٽ پڻ حاصل ڪيو. قاضي خضر حيات نوڪريءَ جي شروعات آبپاشي کاتي کان ڪئي ۽ جلد ئي سنڌ يونيورسٽي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ ليڪچرر ٿيو. ان کان پوءِ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري، اين. اي. ڊي انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو، جتي ٽي سال نوڪري ڪرڻ کان پوءِ پهرين پي. آءِ. ڊي. سي شگر مل لاڙڪاڻي ۾ اسسٽنٽ انجنيئر ۽ پوءِ اسٽيل مل ڪراچيءَ ۾ انجنيئر ٿي رهيو. پاڪ سعودي فرٽيلائيزر ميرپور ماٿيلي ۾ ڇهن سالن تائين پراجيڪٽ انجنيئر ٿي ڪم ڪيو. مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڪاليج، شهيد بينظيرآباد ۾ به انجنيئر ٿي رهيو. جڏهن اِهو ڪاليج 1996ع ۾ قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجيءَ ۾ تبديل ٿيو ته قاضي خضر حيات اتي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر مقرر ٿيو، جتان 2005ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. قاضي خضر حيات جون سول انجنيئرنگ ڊزائننگ بابت 1973ع ۽ 1978ع ۾ ڪيتريون تحريرون ڇپجي مقبول ٿيون. هن ڪالم ۽ ڊراما به لکيا. قاضي خضر حيات آرٽ، ڪرافٽ ۽ ڪاشيگريءَ جي ميدان ۾ عالمي معيار جو ڪم ڪيو. قاضي خضر 81-1980ع جي شروعات ۾ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ ۾ ملازمت دوران ڪاشيگريءَ جي ڪم ۽ شاهڪارن کي گڏ ڪري، شهيد بينظيرآباد (نوابشاهه) ۾ ’سڪندر آرٽ گيلري‘ قائم ڪئي، جنهن جو پاڻ حياتي تائين سرپرست رهيو. ايجوڪيشن سوسائٽي نوابشاهه‘، ’ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي نوابشاهه‘ جو صدر ۽ ’سچل اسپيشل ايجوڪيشن سينٽر‘ نوابشاهه جي پئرينٽس ٽيچرس ائسوسيئيشن جو اڳواڻ رهيو. سندس خدمتن جي اعتراف طور آمريڪن بايوگرافيڪل انسٽيٽيوٽ 1980ع ۾، سنڌ گرئجوئيٽس ايسوسيئيشن 1984ع ۾، لطيف ادبي اڪيڊمي، سنڌ 1987ع ۾ گولڊ ميڊل ڏنا. جڏهن ته کيس وزيراعظم پاڪستان پاران ٻه ڀيرا نقد انعام به مليو. قاضي خضر جپان، سينگاپور ۽ بئنڪاڪ جا دورا ڪيا. قاضي خضر حيات رٽائرمينٽ کان پوءِ ٽي سال Associate Consultant Engineers نالي فَرم ۾ پراجيڪٽ انجنيئر جي حيثيت ۾، ’حضرت بري اماماسلام آباد جي هڪ وڏي پراجيڪٽ ۾ ڪم ڪيو. شهيد بينظيرآباد ۾ شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي ۾ پروجيڪٽ انجنيئر رهيو ۽ پوري پراجيڪٽ جي ڊزائين جي نگراني ڪئي. سيوهڻ ۾ قلندر شھباز تي جديد ڪاشيگريءَ وارو ڪم سندس نگراني ۾ مڪمل ٿيو. سنڌ ميوزيم جي بينظير ڀٽو پارڪ ۾ محترمه بينظير جي وڏي تصوير، سنڌي لئنگيج اٿارٽيءَ ۾ ڪاشيءَ تي قديم لکتون، باغيچي ۾ ڪتاب جو يادگار، سنڌالاجيءَ ۾ وڏو سنڌ جو ڪاشيءَ وارو نقشو سندس فن جا شاهڪار آھن. سندس ٻه ڪتاب ”سنڌ جي جان- ڊاڪٽر افغان“ ۽ ”جهاڳيو مون جھان“ (آتم ڪٿا) ڇپيل آهن. 17 جولاءِ 2021ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1945.04.12  عيسوي

قاضي خضر حيات ولد قاضي عبدالحئي ’قائل‘، 12 اپريل 1945ع تي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي جي هڪ علمي ادبي گهراڻي ۾ جنم ورتو.



مُصوّر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خلجي نعمت
سڪندر جوڳي
چغتائي عبدالرحمان
قاضي خضرحيات
عبدالرحيم ناگوري
عبدالسميع دهلوي
پير بخش لاڙڪ
سليمه هاشمي
شازيه سڪندر
عبدالقادر وارثي
مُصوّر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون